حاجن ’سائل‘ ميمڻ

حاجن ’سائل‘ ميمڻ: حاجي محمد ’حاجن سائل‘ ولد حاجي عبدالحڪيم ’عاجز‘ ميمڻ 8 اپريل 1945ع تي مٽياري شهر ۾ ڄائو. سندس خاندان پسارڪو ڌنڌو ڪندو آهي، تنهنڪري ’پساري ميمڻ‘ سڏجن ٿا. پنهنجي والد ۽ چاچي کي مولود پڙهندي ڏسي کيس مذهبي شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو. هيءُ نظم توڙي نثر ۾ لکي ٿو. هن جي شاعري رومانوي غزلن ۽ مذهبي موضوع تي آهي. هي پنهنجا ڪتاب ڇپرائي بنا معاوضي جي ورهائي ڇڏيندو آهي. سندس 7 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾:
(1) نجات جهنم حاصلاتِ بهشت (1969ع)، (2) چاليهه سوکڙيون (1972ع)، (3) حـقيـقـي زندگـي (1995ع)، (4) روزو ۽ بندگي (1996ع)، (5) ســوکــڙيءَ تــي ســوکـڙي (1997ع)، (6) عـملـي زنـدگـي (1998ع) ۽ (7) درودن جو گلدستو (2000ع) شامل آهن. هن وقت مٽياريءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.04.08  عيسوي

حاجي محمد ’حاجن سائل‘ ولد حاجي عبدالحڪيم ’عاجز‘ ميمڻ 8 اپريل 1945ع تي مٽياري شهر ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو
شير محمد شيرل
زبيده ميتلو
چانڊيو عبدالله ’اثر‘
مير فيض محمد ٽالپر اول
شبير هاتف
اوج علوي
خليفو نبي بخش لغاري
اٻوجهو الهه بخش
علي محمد ساغر سيوهاڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون